سنڌ جو نقشو

سنڌ جو نقشو

ڪراچي ڊويزن جو نقشو

ڪراچي ڊويزن جو نقشو

باب الاسلام

باب الاسلام: سنڌ کي انهيءَ نالي سان سڏيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته برصغير ۾ اسلام جي روشني سڀ کان پهرين سنڌ ۾ پهتي. عام طرح اهو خيال آهي ته سنڌ ۾ اسلامُ، محمد بن قاسم جي آمد (94 هه/712ع) سان آيو، پر ائين نه آهي. سنڌ ۾ اسلام جي روشني پکيڙڻ جو فرض، رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ سندس صحابين سرانجام ڏنو. جن مان ڪن جون قبرون شاه مڪي قبرستان حيدرآباد ۾ موجود آهن. جولاءِ 1975ع تي جڏهن اسلامي ملڪن جي پهرين سربراهه ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي، تڏهن هن ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن هن شهر جي تاريخي اهميت ۽ عوام جي مهمان نوازيءَ واري جذبي کان متاثر ٿي، ڪراچي شهر کي ”باب الاسلام“ جو نالو ڏنو.


لفظ باب الاسلامھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1975.07.06  عيسوي

6 جولاءِ 1975ع تي جڏهن اسلامي ملڪن جي پهرين سربراهه ڪانفرنس ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿي ، تڏهن هن ڪانفرنس ۾ شريڪ نمائندن ڪراچي شهر جي تاريخي اهميت ۽ عوام جي مهمان نوازيءَ واري جذبي کان متاثر ٿي ، ڪراچي شهر کي ” باب الاسلام “ جو نالو ڏنو .



مختلف - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرو چانڊيو
ڀُونڊو
باهه
پاٽائي مخدوم عبدالواحد جي نالي عالمگير جو فرمان
بمبئي بيڪري حيدرآباد
باردانو
خاقان
چُورو
ٻٽڻ مچڻ
پوڄا ٿيئٽرس، بمبئي
مختلف ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون